خيبرپختونخوا پوليس کي جديد بکتر بند ۽ بلٽ پروف گاڏيون فراهم

پشاور: خيبرپختونخوا ۾ امن امان جي بحالي واري مهم تحت مختلف ضلعن جي پوليس کي جديد بکتر بند، اي پي سي ۽ بلٽ پروف گاڏيون فراهم ڪيون ويون آهن.آءِ جي خيبرپختونخوا ذوالفقار حميد پوليس لائن پشاور ۾ جديد گاڏين جي ورڇ ڪئي.پوليس اختيارين موجب بکتر بند ۽ اي پي سي گاڏيون ٽانڪ، هنگو، دير، مانسهره ۽ سوات جي پوليس حوالي ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ڪوهاٽ ۽ تورغر پوليس کي بلٽ پروف گاڏيون فراهم ڪيون ويون آهن.
ءِ جي خيبرپختونخوا ذوالفقار حميد چيو آهي ته امن امان جي قيام لاءِ پوليس فرنٽ لائن تي پنهنجون ذميواريون نڀائي رهي آهي. پوليس اهلڪارن جي حفاظت ۽ ڪارروائين کي وڌيڪ محفوظ بڻائڻ لاءِ جديد هٿيارن سان گڏ حفاظتي گاڏيون پڻ فراهم ڪيون پيون وڃن.
پوليس اختيارين موجب جديد گاڏين جي فراهمي سان حساس ضلعن ۾ پوليس جي آپريشنل صلاحيتن ۽ اهلڪارن جي تحفظ ۾ وڌيڪ بهتري اچڻ جي اميد آهي.