اسلام آباد (15 جولاءِ 2026): پاڪستان جي خلائي تحقيقاتي اداري سپارڪو جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مطيع الله حق خبردار ڪيو آهي ته گليشيئرن جو غير معمولي طور تي تيزي سان ڳرڻ يا اڳتي وڌڻ، ٻئي حالتون ملڪ لاءِ سنگين ماحولياتي خطرا پيدا ڪري سگهن ٿيون.سويرا ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته گليشيئرن ۾ ٿيندڙ تبديلي سبب خطرناڪ برفاني ڍنڍون ٺهن ٿيون، جن جي ڪنارن جي ٽٽڻ سان تباهه ڪندڙ ٻوڏون اچن ٿيون، جيڪي ويجهن آبادين، ڳوٺن ۽ بنيادي ڍانچي کي سخت نقصان پهچائين ٿيون.ڊاڪٽر مطيع الله حق موجب گليشيئرن ۾ موجوده تبديليون نه رڳو ٻوڏ جي خطري ۾ اضافو ڪري رهيون آهن، پر مستقبل ۾ ملڪ کي پاڻي جي سخت کوٽ کي به منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. هن ياد ڏياريو ته ماضي ۾ شِشپر گليشيئر اڳتي وڌڻ سبب پاڻي جو قدرتي رستو بند ٿي ويو هو، جنهن سان هڪ ڍنڍ ٺهي، جيڪا ٻه ڀيرا ٽٽي ۽ قراقرم هاءِ وي سميت هيٺاهين علائقن کي نقصان پهتو.هن چيو ته پاڪستان جي دريائن ۾ وهندڙ پاڻي جو لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو حصو گليشيئرن مان حاصل ٿئي ٿو. جيڪڏهن گليشيئر مسلسل ڳرندا رهيا ته شروعاتي مرحلي ۾ وڌيڪ برف ڳرڻ سبب ٻوڏن جو خطرو وڌندو، پر ڊگهي مدي ۾ دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو گهٽجي ويندو ۽ ملڪ اهم آبي ذخيرن کان محروم ٿي سگهي ٿ
پارڪو جي ڊائريڪٽر موجب موسمياتي تبديلي، عالمي گرمي، فضائي آلودگي، بليڪ ڪاربان ۽ ٻيلن جي بي دريغ واڍي گليشيئرن جي تيزي سان ڳرڻ جا اهم سبب آهن. هن زور ڏنو ته شجرڪاري کي هٿي ڏني وڃي، ٻيلن جي واڍي روڪي وڃي ۽ ماحولياتي آلودگي گهٽائڻ لاءِ مؤثر قدم کنيا وڃن ته جيئن گلوبل وارمنگ جا اثر گهٽائي سگهجن.