وینزویلا میں تباہ کن زلزلہ، ہلاکتیں 1430 تک پہنچ گئیں، ہزاروں زخمی اور لاپتہ

وينزويلا ۾ ٽي ڏينهن اڳ آيل تباهه ڪندڙ زلزلي سبب فوتين جو انگ وڌي 1430 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 3360 ماڻهو زخمي ۽ 69 هزار کان وڌيڪ ماڻهو اڃا تائين لاپتا آهن.رپورٽن موجب فوت ٿيلن ۾ 7 چيني شهري پڻ شامل آهن. امدادي ٽيمون لاڳيتو سرچ ۽ ريسڪيو آپريشن ۾ رڌل آهن ۽ هينئر تائين ملبي مان 3360 زخمين کي زندهه ٻاهر ڪڍيو ويو آهي، جڏهن ته هزارين ماڻهن جو اڃا تائين ڪو پتو نه پئجي سگهيو آهي.اختيارين موجب 40 سيڪنڊن جي وقفي سان آيل ٻن شديد زلزلن کان پوءِ هينئر تائين 430 آفٽر شاڪس محسوس ڪيا ويا آهن، جنهن سبب متاثر علائقن ۾ خوف واري صورتحال برقرار آهي ۽ ملبي هيٺ ڦاٿل ماڻهن جي بچڻ جون اميدون وقت سان گڏ گهٽجنديون پيون وڃن.زلزلي کي ٽن ڏينهن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود سرچ ۽ ريسڪيو آپريشن جاري آهي. سامونڊي رياست لا گوئيرا ۾ ملبي مان ٻن عورتن کي زندهه ڪڍيو ويو آهي، جڏهن ته فوج سيڪيورٽي ۽ امدادي سامان جي فراهمي جون ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن. متاثر علائقن ۾ فيلڊ اسپتال قائم ڪيا ويا آهن ۽ امدادي ڪاررواين ۾ مدد لاءِ سوين بين الاقوامي امدادي ڪارڪن وينزويلا پهچي چڪا آهن.