گلشن اقبال ۾ نومولود نياڻي عمارت تان اڇلائي وئي، پوليس جو اهم شڪ

ڪراچي: گلشن اقبال بلاڪ 13، ڊي-2 ۾ نومولود نياڻي کي عمارت جي مٿين منزل تان اڇلائڻ جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي.
پوليس موجب نياڻي جي عمر تقريبن 3 کان 4 ڏينهن هئي ۽ شڪ آهي ته کيس عمارت تان اڇلائڻ وقت هوءَ زنده هئي. رائل آئڪون اپارٽمينٽ جي ڊڪٽ واري حصي ۾ نياڻي کي مٿان کان هيٺ اڇلائڻ جا شواهد پڻ مليا آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته عمارت جي ڀتين تي رت جا نشان ۽ ڇنڊا پڻ مليا آهن. واقعي جو ڪيس گلشن اقبال ٿاڻي تي نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي.پوليس موجب نياڻي جي ڊي اين اي ۽ سيرولوجي ٽيسٽن لاءِ نمونا حاصل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته لاش پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس کي شڪ آهي ته پيدائش لڪائڻ جي مقصد سان نياڻي کي عمارت تان اڇلايو ويو.نياڻي جي لاش کي تدفين لاءِ ايدهي هوم سهراب ڳوٺ منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.