اسلام آباد ۾ سفارتي سرگرميون تيز، ايران تڪرار جي حل لاءِ اهم اڳڀرائي

طر جي نشرياتي اداري الجزیرہ پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته پاڪستان ايران سان جاري ڇڪتاڻ ختم ڪرائڻ لاءِ اهم سفارتي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي۔رپورٽ موجب اسلام آباد هن وقت علائقائي ۽ عالمي سفارتڪاري جو مرڪز بڻجي ويو آهي، جتي پاڪستان آمريڪا ۽ اسرائيل سان ايران جي تڪرار کي گهٽائڻ ۽ ممڪن جنگ ختم ڪرائڻ لاءِ سرگرم ڪوششون ڪري رهيو آهي۔تازي اڳڀرائي تحت گذريل ڪجهه ڪلاڪن دوران مصر ۽ ترڪي جا پرڏيهي وزير اسلام آباد پهچي ويا آهن، جتي اهم صلاح مشورا جاري آهن۔ذريعن موجب سعودي عرب جو پرڏيهي وزير به ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۾ پهچڻ جو امڪان آهي، جنهن سان سفارتي سرگرمين ۾ وڌيڪ تيزي اچڻ جي توقع آهي۔رپورٽ ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته ايران به ممڪن طور هڪ اهڙو سفارتي نمائندو ڳالهين لاءِ موڪلڻ تي راضي ٿيو آهي، جيڪو سڌي ڳالهه ٻولهه ۾ حصو وٺي سگهي۔ماهرن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ ٿيندڙ هي سرگرميون علائقي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ انتهائي اهم ثابت ٿي سگهن ٿيون۔