پريالوءِ ڀدئجي ڊگهھپور ڪچي ۾ فائرنگرسان م مڙس ۽ زال قتل علائقي ۾ خوف ڦهلجي ويو

پريالوءِ ڀرسان مدئجي ڊگهھپور جي ڪچي واري علائقي ۾ فائرنگ جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ الهيار ناريجو عالماڻي ۽ سندس گهرواري گولين جو نشانو بڻجي ٿڏي تي فوت ٿي ويا.ناريجا برادري جي ماڻهن موجب فائرنگ مبينا طور ڪلهوڙا برادري جي هٿياربندن طرفان ڪئي وئي. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف ۽ ڏهشت جي فضا ڇانئجي وئي، جڏهن ته ماڻهو وڏي انگ ۾ واقعي واري هنڌ تي گڏ ٿي ويا.واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس پهچي علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو ۽ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. مقتولن جي وارثن جوابدارن جي فوري گرفتاري ۽ سخت قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڪچي ۾ وڌندڙ بدامني سبب عام ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهيا آهن.