ڪراچي جي علائقي ڊيفنس ۾ پيش آيل فائرنگ جي واقعي ۾ سينئر وڪيل خواجه شمس الاسلام جان جي بازي هاري ويٺو، جڏهن ته سندن پٽ سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿيا. پر هن اندوهي واقعي جو سڀ کان حيران ڪندڙ پهلو سامهون آيو آهي—قاتل ڪو ٻيو نه، پر سندن ئي اڳوڻي گن مين جو پٽ عمران آفريدي نڪتو! خواجه شمس الاسلام جي ڀاءُ، خواجه فيض الاسلام جي فرياد تي درخشان ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ 7 ماڻهن کي نالي سان نامزد ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ دهشتگردي، قتل ۽ ٻين سنگين شقن تحت جاچ جاري آهي. ڊي آءِ جي سائوٿ اسد رضا موجب، گرفتار ٿيل عمران آفريدي نه صرف قتل جو اعتراف ڪري ورتو آهي، پر ٻڌايو ته هن ڪجهه مهينا اڳ به خواجه شمس تي حملي جي ڪوشش ڪئي هئي. قاتل جو دعويٰ آهي ته خواجه شمس الاسلام ئي 2021 ۾ سندس والد (سابق گن مين) جي قتل جو ذميوار آهي. هاڻي وڪيل تي حملي جي سي سي ٽي وي فوٽيچ به سامهون اچي چڪي آهي، جيڪا جاچ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.