آمريڪي قونصل خاني پاران پاڪستان ۾ موجود پنهنجي شهري لاءِ اهم هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، جن ۾ کين چيو ويو آهي ته هو رش وارن علائقن، غير ضروري سفر، هوٽلن، شاپنگ مالز، ۽ ريسٽورينٽس کان پري رهن. قونصل خاني جو چوڻ آهي ته نه رڳو عام شهري، پر سفارتي عملو به پنهنجي نقل و حرکت محدود رکي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ جرمن قونصل خاني به پاڪستان ۾ ویزا سروس غير معينه مدي لاءِ معطل ڪري ڇڏي هئي، جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو پريشاني ۾ مبتلا آهن. جرمن ترجمان موجب ڪجهه اڻٽر سببن جي ڪري هي فيصلا ڪيا ويا آهن، جڏهن ته يورپي شهري لاءِ سروس جاري رهندي.