ايران طرفان فيفا ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ 10 شرطون، آمريڪا سميت ميزبان ملڪن کان ضمانتون طلب

تهران (ويب ڊيسڪ): ايران ايندڙ مهيني آمريڪا، ميڪسيڪو ۽ ڪينيڊا جي گڏيل ميزباني ۾ ٿيندڙ فيفا ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ 10 شرطون پيش ڪري ڇڏيون آهن۔رپورٽن موجب فيفا ورلڊ ڪپ 11 جون کان 19 جولاءِ تائين ٿيندو، جنهن ۾ ايران جي شرڪت تي جنگي صورتحال سبب اڳ ئي شڪ ظاهر ڪيا پيا وڃن۔ايراني فٽبال فيڊريشن جي سربراهه مهدي تاج موجب ايران عالمي ڪپ ۾ ضرور شرڪت ڪندو، پر ميزبان ملڪن کي ايران جي خدشن کي نظر ۾ رکڻو پوندو ۽ ان حوالي سان ضمانتون ڏيڻيون پونديون۔ايران طرفان رکيل شرطن ۾ رانديگرن ۽ اسٽاف لاءِ ويزا جي بروقت فراهمي، قومي ٽيم جي پرچم ۽ قومي تراني جو احترام، ۽ ايئرپورٽن، هوٽلن ۽ اسٽيڊيم تائين محفوظ رسائي شامل آهي۔ ان سان گڏ سخت سيڪيورٽي انتظامن جو مطالبو پڻ ڪيو ويو آهي۔ٻئي طرف آمريڪي اختيارين واضح ڪيو آهي ته ايراني رانديگرن کي ڀليڪار ڪيو ويندو، پر پاسداران انقلاب سان لاڳاپيل ماڻهن تي داخل ٿيڻ تي پابندي لڳائي سگهجي ٿي۔رپورٽن مطابق ايران گروپ جي جي ۾ شامل آهي، جتي ان سان گڏ نيوزي لينڊ، بيلجيم ۽ مصر جون ٽيمون به شامل آهن، جڏهن ته ايران جي ٽيم ٽورنامينٽ دوران آمريڪي شهر ٽوسان ۾ رهائش اختيار ڪندي۔