: پنجاب حڪومت طرفان صوبائي وزيرن ۽ بيوروڪريٽن لاءِ هڪ ارب 14 ڪروڙ رپين ماليت جون 108 نيون لگژري گاڏيون خريد ڪرڻ جي تجويز تيار ڪئي وئي آهي۔ٽرانسپورٽ ونگ طرفان پيش ڪيل سفارشن موجب پنجاب ڪابينا لاءِ 30 ڪروڙ رپين ماليت جون 28 نيون گاڏيون خريد ڪرڻ جي تجويز شامل آهي۔سينيئر وزير مريم اورنگزيب ۽ اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري لاءِ چار ڪروڙ رپين ماليت جون ٻه بلٽ پروف گاڏيون خريد ڪرڻ جي تجويز پڻ شامل آهي۔ڪابينا لاءِ خريد ڪيل گاڏين ۾ هڪ Toyota Land Cruiser، ٻه Haval H6 1.5T، پنج Toyota Corolla Grande، ڏهه Toyota Corolla Altis ۽ ڏهه Toyota Yaris شامل آهن۔ياد رهي ته تازو ئي 10 ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جي جهاز جي خريداري تي تنقيد جاري هئي، جنهن کان پوءِ هاڻي نئين گاڏين جي خريداري واري تجويز تي به سياسي بحث شروع ٿي ويو آهي۔