سپر ايٽ مرحلي ۾ کيڏايل آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ نيوزيلينڊ ميزبان سري لنڪا کي 61 رنز جي وڏي مارجن سان شڪست ڏئي نه رڳو ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو، پر پاڪستان لاءِ به سيمي فائنل تائين پهچڻ جون راهون انتهائي ڏکيو بڻائي ڇڏيون آهن۔هن شڪست کان پوءِ پاڪستان جي سيمي فائنل ۾ پهچڻ جي واحد اميد جمعي ڏينهن نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جي ميچ سان جُڙيل آهي۔ جيڪڏهن انگلينڊ کٽي ٿو ته “اگر مگر” جي صورت ۾ پاڪستان جو چانس زنده رهندو، جڏهن ته نيوزيلينڊ جي کٽڻ جي صورت ۾ گرِين شرٽس جو ميگا ايونٽ ۾ سفر ختم ٿي ويندو ۽ سري لنڪا خلاف آخري ميچ رڳو رسميت رهجي ويندو۔سري لنڪا خلاف فتح کان پوءِ نيوزيلينڊ جو رن ريٽ گروپ 2 ۾ سڀ کان وڌيڪ 3.050 ٿي ويو آهي، پر هڪ فتح سان ٽي پوائنٽ حاصل ڪري هو ٻئي نمبر تي آهي۔ انگلينڊ جو رن ريٽ 1.494 آهي، جيڪو نيوزيلينڊ کان گهٽ هجڻ باوجود ٻه فتوحات حاصل ڪري پهرين پوزيشن تي آهي، جڏهن ته پاڪستان جو رن ريٽ 0.461- آهي ۽ هو ٽئين نمبر تي موجود آهي۔پاڪستان جي سيمي فائنل اميدون برقرار رکڻ لاءِ گرِين شرٽس جي مداحن کي 1992 جي ورلڊ ڪپ ۽ 2017 جي چيمپئنز ٽرافي جيان جمعي ڏينهن انگلينڊ جي نيوزيلينڊ خلاف وڏي فتح لاءِ دل سان دعائون گهرڻيون پونديون، ۽ دعا قبول ٿيڻ جي صورت ۾ ايندڙ ڏينهن پنهنجي ٽيم جي ڪاميابي لاءِ به هٿ دعا لاءِ کڻڻا پوندا۔رن ريٽ جي حساب سان صورتحال اهڙي هوندي جو جيڪڏهن انگلينڊ نيوزيلينڊ کي گهٽ ۾ گهٽ 20 رنز تان هارائي ٿو ته پاڪستان کي پنهنجي آخري ميچ ۾ سري لنڪا کي تقريباً 50 رنز تان لازمي شڪست ڏيڻي پوندي۔انهن نتيجن جي صورت ۾ نيوزيلينڊ ۽ پاڪستان ٻنهي جا ٽي ٽي پوائنٽ ٿي ويندا، پر شاهين بهتر رن ريٽ جي بنياد تي ڪِيويز کي پوئتي ڇڏي سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي سگهندا۔