وفاقي حڪومت اڄ رمضان رليف پيڪيج جو اعلان ڪندي

اسلام آباد: وفاقي حڪومت اڄ رمضان رليف پيڪيج جو باضابطه اعلان ڪندي، جنهن جو مقصد مستحق ۽ ڪمزور طبقي کي مالي ۽ ضروري امداد فراهم ڪرڻ آهي۔تفصيل وجب وزيراعظم هائوس ۾ هڪ خصوصي تقريب منعقد ڪئي ويندي، جتي وزيراعظم شهباز شريف پاڻ رمضان رليف پيڪيج جي رونمائي ڪندا۔ ذريعن مطابق وفاقي ڪابينا جو اجلاس پڻ اڄ شام وزيراعظم جي صدارت هيٺ طلب ڪيو وڃي سگهي ٿو، جنهن ۾ پيڪيج جي منظوري ڏني ويندي۔هي پيڪيج رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني دوران معاشري جي ب ۽ مستحق ماڻهن کي مالي مدد ۽ ضروري شيون فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي۔ڪابينا اجلاس ۾ ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال جو به جائزو ورتو ويندو، جڏهن ته اهم پاليسي معاملن تي غور ڪيو ويندو۔ ذريعن موجب اسلام آباد جي علائقي ٽارلائي ۾ ٿيل تازي خودڪش حملي جي ابتدائي رپورٽ به ڪابينا آڏو پيش ڪئي ويندي ته جيئن وزيرن کي بريفنگ ڏني وڃي۔اجلاس ۾ سيڪيورٽي ۽ معاشي چئلينجن کي نظر ۾ رکندي عوامي مفاد لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ تي به غور ڪيو